ستي اسٽون

ستي اسٽون

ستي اسٽون

ستي اسٽون: اڪريل پٿر جو هي يادگار ڀوڏيسر، ننگرپارڪر ۾ آهي. مندرن جي پاسي ۾ ٻه عدد ڊگھا پٿر کتل آھن، جن تي اُڪر جو ڪم ٿيل آھي. ھي پٿر ان دور جا آھن جڏھن عورتون مڙس جي مرڻ کان پوءِ ’ستيءَ جي رسم‘ طور پاڻ کي جيئري ساڙينديون ھيون ته جيئن سندس مڙس کي دنيا ۾ ڪيل گناھن کان ڇوٽڪارو ملي.
انهن پٿرن مان ھڪ پٿر 4-6x1-5x6 فوٽن جو آھي. جنھن جي مٿئين اڌ تي سورج مکيءَ جو گل ۽ ھيٺئين اڌ تي گھوڙي سوار جي تصوير اُڪريل آھي. ان جي ھيٺان ھندي ۽ گجراتيءَ ۾ ڪجھه لکيل آھي. ٻئي پٿر جي وچ واري حصي تي ھڪ عورت جي تصوير اڪريل آهي، جنھن کي ساڄي ٻانھن ۾ چوڙيون پاتل آھن. هي پٿر 4-3x2x1-6 فوٽن جي ماپ جو آھي.
ٿرپارڪر جي شهر ڪانٽيي کان 18 ڪلوميٽر اولهه طرف جنجهيئر ڳوٺ ۾، ڏکڻ اوڀر طرف، ميگهواڙن جي قبرستان لڳ، ستي ماتا جا 6 عدد اهڙا ستي اسٽون مليا آهن، جن کي مقامي ماڻهو ستيءَ جون لورٺيون به سڏيندا آهن، جن مان 3 عدد لورٺيون ثابت موجود آهن، جڏهن ته ٽي لورٺيون وقت سان گڏ ميسارجي چڪيون آهن. هن ماڳ/ ٿان جا سنڀاليندڙ گونگيي جا آچُو نُک وارا سوٽهڙ آهن، جيڪي اصل جنجهيئر جا ويٺل هئا، پوءِ تڙ همير ۾ وڃي ويٺا، ۽ ان ڳوٺ جو نالو گونگيو پئجي ويو. اهي سوٽهڙ هن ستيءَ جا اٺن پيڙهين کان پوڄيندڙ آهن، کين ڪيترا وردان مليل آهن. وٽن روايت آهي ته ستي ماتا جي پتيءَ جو نالو گووند هو، کيس ٻه پٽ هئا: سترام ۽ شوو. هيءَ ستي، وڏي ست ۽ ڏيا واري عورت هئي، جنهن جون عام ماڻهن ۾ ڪيتريون ڪرامتون موجود آهن. ٿر ۾ اهڙا ڪيترائي ستي اسٽون مليا آهن.


لفظ ستي اسٽونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو